سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي لڳ ڳوٺ ٽالھو جوڻيجو واسي عورتن صاحبان ۽ سندس ڌيءُ رابعه شر ٿاڻي تي پھچي دناهيو ته علي بخش شر، بشير شر، علي نواز ۽ سائين بخش سندن گھر ۾ گهڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، هنن الزام هنيو ته حملي آورن لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڪنن مان سونا زيور پڻ لاھي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، هوڏانهن سنڌڙي پوليس جو چوڻ آهي ته عورتون پاڻ ۾ وڙھيون هيون، جھيڙي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، فريادي ۽ جوابدار پاڻ ۾ سئوٽ آھن، زيادتي جي ڪوشش جي جاچ ڪئي پئي وڃي.