ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير پوليس پاران جعلي پوليس مقابلي ۾ نوجوان  کي مارجڻ تان آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ايس ايس ملير کي نوٽيس جاري ڪري 15 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران وڪيل لياقت گبول ٻڌايو ته سکن ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن محبوب کوسو، سليم ۽ ٻين محمد بخش کي گهران اغوا ڪري، سندس آزادي لاءِ 3 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو، پئسا نه ملڻ تان نوجوان محمد بخش کي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.