ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جو واپاري سي ٽي ڊي انسپيڪٽر هٿان اغوا، ڀنگ طلب، پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪري واپاري کي بازياب ڪرائي ورتو، انسپيڪٽر 2 ساٿي اهلڪارن سميت گرفتار، ان ڏس ۾ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز انڪل سريا اسپتال وٽ ڪارروائي ڪري يرغمالي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائي ورتو، ڪارروائي دوران سي ٽي ڊي انسپيڪٽر جاويد شيخ ۽ 2  اهلڪارن جاويد مهر ۽ ارشد اقبال کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار اهلڪارن تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي آڪاش ڄاڻايو ته آئون حيدرآباد ۾ ڪارن جي خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪندو آهيان، 20 نومبر تي منهنجو ڀاءُ ساگر قاسم آباد مان پنهنجي ڪار ۾ ڪراچي روانو ٿيو،  20 ۽ 21 نومبر جي رات جو منهنجي ڀاءُ  ڪال ڪري ٻڌايو ته مون کي سي ٽي ڊي وارن اغوا ڪيو، اهي 50 لک ڀنگ گهرن پيا،  نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ ۽ ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪال بعد منهنجي ڀاءُ جو نمبر بند ٿي ويو، 21 نومبر تي منهنجي ڀاءُ جي ٻيهر ڪال آئي، مون ٻڌايو ته پئسا هٿ ڪيا آهن، جنهن تي ڀاءُ چيو ته پئسا کڻي ڪراچي اچ. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته  آئون پئسا کڻي ڪراچي پهتس، مون کي شڪ ٿيو ته متان پئسا نه وٺن ۽ ڀاءُ کي به نه ڇڏين، انهي لاءِ مون رينجرز سان رابطو ڪيو، رينجرز وري سي ٽي ڊي سان رابطو ڪيو، هن چيو ته  مون انڪل سريا ڀرسان  ڀاءُ جي ڪار وٽ پهچي اغوا ڪندڙن سان ڳالهائي کين 5 لک ڏنا، جنهن تي  اغوا ڪندڙن مون کي گاريون ڏنيون ته پوري رقم ڇو ناهي آندي؟ ايتري ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي ٽيم پهچي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙ اهلڪارن کي سوگهو ڪري ورتو