غوثپور (ن پ ا ) غوثپور پوليس پاران عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ ڪرمپور واسي نوجوان اشرف علي جعفري کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اغوا کان  بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف وڃي رهيو  هو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان بي فيڊر واري علائقي ۾ ناڪابندي ڪري کيس ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، وڌيڪ پوليس پاران نوجوان کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڏوهارين جا نمبر ٽريس تي لڳائي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.