لاهور/ملتان ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ لاءِ ڪارڪن ايم اين اي عامر ڊوگر جي گهر آڏو گڏ ٿيا پر گرفتاري ڏيڻ بنا اتان روانو ٿي ويا. گرفتار 6 اڳواڻن کي اڊيالا کان شاهپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 2 سئو کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن مختلف جيلن ۾ بند آهن. رپورٽ موجب ڪالهه پي ٽي آءِ پاران جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ ملتان ۾ گرفتاريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر پشاور جيان ملتان ۾ به اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتاريون ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا پر گرفتاريون ڏيڻ بنا روانا ٿي ويا. اڳواڻن نوان شهر چوڪ تي احتجاج ۽ ڪارڪن کي خطاب ڪيو، خطاب بعد پي ٽي آءِ جي سٽي صدر ملڪ عدنان ڊوگر ڪارڪنن کي گهر وڃڻ جو چئي ڇڏيو. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي 6 اڳواڻن کي اڊيالا جيل کان شاهپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي هڪ مهيني جي نظربندي جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. شاهپور جيل منتقل ٿيلن ۾ ذلفي بخاري، فياض الحسن چوهاڻ، صداقت علي عباسي، اعجاز خان، لطافت ستي ۽ اڳوڻو پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ساجد محمود شامل آهن. جيل ڀيريو تحريڪ جي منتظم اعجاز چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پشاور ۾ به هزارين ماڻهو گرفتاريون ڏيڻ لاءِ نڪتا هئا پر ڪنهن به کين گرفتار نه ڪيو. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 200 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪن مختلف جيلن ۾ بند آهن، جن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻيا شامل آهن. هن چيو ته  جيل ڀريو، زندان ڀريو تحريڪ جو مقصد عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد جو شعور آهي، فسطائي حڪمرانن کان آزادي منزل آهي. فواد چوڌري چيو فسطائي حڪمرانن کان آزادي سندن منزل آهي.