ڪراچي: نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاهه  ڊجيٽل آدمشماري ڪانفرنس کي  خطاب دوران ڏک اوريندي چيو آهي ته آدمشماري واري حساس مسئلي تي ٿيل ڪانفرنس ۾ به سنڌي قوم 500 سيٽن وارو هال ڀري ناهي سگهي، اقتداري ڌر پاران به اسان تي الزام هڻي اسان سنڌين کي چيو پيو وڃي ته اسين ستا پيا آهيون، آئون پڇان ٿي ته اسان ستا پيا آهيون يا وري اسانکي سمهاريو ويو آهي؟ اسان وٽ رڳو بينظير انڪم سپورٽ جو سسٽم ئي فنڪشنل آهي، باقي ٻهراڙين ۾ ڊجيٽل آدمشماري جو سسٽم ئي ناهي، اسان جا لکين ماڻهو ٻوڏ ۾ لڙهي ۽ ٻڏي ويا آهن، سندن گهر ڊهڻ بعد وٽن ڪو ڏس پتو ئي ناهي، انهن ويچارن کي ته پنهنجي بچي ويل گهر ڀاتين جي صحيح انگ جي ڄاڻ ئي ناهي، اهي آدمشماري ۾ ڪيئن شامل ٿيندا؟  هن چيو ته اسان هتي انهن ماڻهن لاءِ ڳالهائي رهيا آهيون، جيڪي ڌوڙ ۾ ڌڪا پيا جهلين، يا وري وڏيرن جي اوطاقن تي ويٺل آهن، هن چيو ته هتي سموري قيادت آدمشماري کي ته رد ڪيو آهي پر ڪنهن به آدمشماري جي حوالي سان ڪا حڪمت عملي ظاهر ناهي ڪئي ته اسان انهي زيادتي خلاف ڪهڙو قدم کڻنداسين؟