لنڊن(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ کي غيراهم قرار ڏئي ڇڏيو. لنڊن ۾ نواز شريف سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف عمران خان جي تحريڪ کي غيراهم قرار ڏيندي چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ ڪا ڳالهه آهي ته ڪئي وڃي. راجا فاروق حيدر چيو ته نواز شريف موجوده آزاد ڪشمير جي حڪومت تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين پارٽين سان گڏجي سوچينداسين ته جيڪڏهن بي اعتمادي رت آڻيو ٿا ته عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو.