مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: بخش علي رند اليون ڪامياب

0
438

مقصودو رند (رپورٽ: بهادر رند)مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آھن. ٽورنامينٽ جي يارھين ميچ ۾ بخش علي رند اليون ڪامياب، ان ڏس ۾ بخش علي رند اليون ۽ يارو رند اليون جي وچ ۾ ميچ ٿي جنھن ۾ بخش علي رند اليون پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي احسان رند جي 52 رنسن جي مدد سان 209 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ يارو رند اليون صرف 92 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، اھڙي طرح بخش علي رند اليون 116 رنسن جي وڏي مارجن سان ميچ کٽي ورتي. احسان رند کي بھترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو.