جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل

0
805

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار ٿي ويو، کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، پوليس ۽ رينجرزاٽالن جي جسقم چيئرمين جي گلشن حديد واري گهر تي چڙھائي ڪئي، صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، جسقم چيئرمين جي گرفتاري خلاف ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو، جسقم پاران اڄ سڄي سنڌ ۾احتجاج ۽ سڀاڻي شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ جسقم ترجمان جو چوڻ آهي ته منجهند 3 وڳي بعد سمورا هاءِ ويز بند ڪيا ويندا، جسقم چيئرمين جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿيا، بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو پرامن ھو. ٻئي پاسي بحريا ٽائون انتظاميا پاران سيڪيورٽي مئنيجر سيد اساما غضنفر علي جي مدعيت ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مک اڳواڻن قادرمگسي، سيد جلال محمود شاهه، صنعان قريشي، رياض چانڊيو، ۽ زين شاھ سميت 10 هزار ماڻھن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، داخل ڪرايل ايف آء آر ۾ قلم 365. 397. 435. 436. 427 7 ATA جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، نامزد ٿيلن ۾ بحريا خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ چاچا فيضو گبول جي پٽ مراد گبول، گل حسن ڪلمتي، داد ڪريم بلوچ، جهانزيب ڪلمتي، يعقوب خاصخيلي، جانشيرجوکيو، اسلم خيرپوري ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر موجب اڳواڻن ڪارڪنن کي بحريا خلاف ڀڙڪايو، جنهن بعد ۾ قادر مگسي , جلال شاھ , رياض چانڊيو, صنعان قريشي , گل حسن ڪلمتي , زين شاھ , داد ڪريم بلوچ ۽ مراد گبول جي اڳواڻي ۾ 500 مشتعل ماڻھو اندر داخل ٿيا، توحيد اسڪوائر جي ڪمرشل ايريا ۾ پيزاهٽ ، برگرڪنگمن ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي آتشگير مادو اڇلايو، رينوال ايريا ۾ ٻن اي ٽي ايم مشينن کي ٽوڙي رقم لُٽي وئي ۽ علي پلازا کي باھ ڏني ۽ پنج ريسٽورنٽ پڻ ساڙي ڇڏيا.