پنج ڪرڪيٽر اڃا تائين اماراتي ويزا جا منتظر

0
340

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن سڪس جي رهيل ميچز ۾ شرڪت لاءِ 5 ڪرڪيٽر اڃان تائين گڏيل عرب امارات جي ويزي جا منتظر آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر امين، عمران رانڌاوا ۽ آصف آفريدي لاهور جي هوٽل ۾ ابوظهبي وڃڻ جي انتظار ۾ آهي، جڏهن ته حماد اعظم ۽ خالد عثمان کي انگلينڊ مان ابوظهبي اچڻو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حماد اعظم پي ايس ايل لاءِ انگلينڊ ڪلب ڪنٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي.