مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ڀرسان ڳوٺاڻا يرغمال، موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر، پوليس لاعلم. ان سلسلي ۾ شھدادپور شھر کان ڳوٺ طرف ايندي ڳوٺ سومر ڦيراڻي وٽ ٽن هٿياربندن حامد خاصخيلي ۽ سهراب خاصخيلي کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. متاثر ڳوٺاڻي حامد موجب 3 ٻُٽ ٻڌل هيٿاربندن اڳ جهلي يرغمال بڻائي کيسي ۾ پيل 24 هزار روڪ، ٻه موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا.