مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو ابڙان ٿاڻي جي حد ڳوٺ ليمون شاهه ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 سالن جي ڇوڪري شبانا ڀٽي ڌيءُ راضي خان ڀٽي پاڻ مٿان مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي. اهڙو اطلاع حد جي پوليس ابڙان ٿاڻي تي ڏنو ويو جنهن کان پوءِ ابڙان ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي نوشهروفيروز اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو . آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.