مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ شاهپور مائينر کي ٻن هنڌن تان 20 – 20 فوٽن جا 2 گهارا پئجي ويا، جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل تيار فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، گهارن بعد آبادگارن پهچي ويا، جڏهن ته بروقت اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن موجب گهاري جي پاڻي ۾ ڳوٺ ٽوهه ڀاڻوجو، ڳوٺ نچايو ڀاڻوجو، ڳوٺ توڪل پور ۽ ڳوٺ بچل باگراڻي سميت تيار ٿيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل ٻڏي ويا آهن، آبادگارن دانهيو ته جڏهن پاڻي جي ضرورت هوندي آهي ته ان وقت آبپاشي عملدار منڍ جي زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن، هاڻي پاڻي جي ضرورت ناهي ته وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري گهرا پيا.