اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا جي ڳوٺ مراد منڱلو مان نوجوان ناري مبينا اغوا، ڳوٺاڻن هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو. تفصيل موجب اڳڙا جي ڳوٺ مراد منڱلو مان نوجوان ناري شريفان ڌيءَ رجب الدين منڱلو مبينا طور اغوا ٿي وئي. ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي هڪ جوابدار ظھير منڱلو کي پڪڙي ورتو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. اغوا واقعي بعد ناريءَ جي وارثن ڌرڻو هڻي اڳڙا- راضيديرو لنڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو. ناريءَ جي وارثن شاھد منڱلو، زاھد، شمن منڱلو ۽ ٻين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته ناريءَ جي اغوا ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن اڳڙا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌرين ۾ سڱاوتيءَ تان تڪرار هلندڙ آھي. هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي. باقي جوابدارن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي نواب الدين منڱلو ٻڌايو ته اسان جا ٽي نوجوان رجب وارن جي ڌر وٽان پرڻيل آهن، جن جي عورتن کي ناحق روڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ظهير منڱلو کي گهر گهرائي اغوا جو ڊرامو ڪيو ويو آهي. اسان جي ڌر ڪو به شخص اغوا ۾ ملوث ناهي.