ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حيسڪول ۾ 54 ارب ڪرپشن واري ڪيس جي 16 جوابدارن جي ھڪ دفعو ٻيھر ضمانت رد، گذريل ٻڌڻي تي عدالت 17 مان 16 جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو ھو، اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ ۾ حيسڪول ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ھڪ دفعو ٻيھر ضمانت لاءِ  درخواست داخل ڪئي، عدالت 16 جوابدارن جي ھڪ دفعو ٻيھر عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏھن ته ھڪ جوابدار نيشنل بينڪ جي اڳوڻي صدر اقبال اشرف سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي