ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ معذور ڪوٽا تي نوڪري نه ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران لائيو اسٽاڪ کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه اصغر نالي معذور شهري پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌايو وڃي ته ڪوٽا هئڻ باوجود معذور شهري کي نوڪري تي ڇو نه رکيو ويو آهي؟ وڪيل موجب درخواستگذار 2016ع کان فشريز کاتي ۾ نوڪري لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو، کاتي ۾ جايون خالي هئڻ باوجود کيس ملازمت نٿي ملي .