دڙو (ن پ ا) دڙو پوليس هٿان 4 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي منير ملاح جي وارثن پاران دڙو پوليس خلاف واليشاهه ۾ احتجاج پوليس خلاف نعري بازي، ٻڍڙي عورتن پاران هٿ مٿي ڪري پوليس کي پٽون ۽ پاراتا، ان موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي 70 سالن جي ٻڍڙي ڏاڏي ڦاپي، لطيفه، زرينه، بادو، محمد حسن ملاح، جاڙو ملاح ، اسماعيل ملاح ۽ ٻين چيو ته پوليس اسان غريبن سان ظلم ڪيو آهي گهر جو اٽو وٺڻ دڙو شهر ويل اسان جي نوجوان منير کي پوليس بيگناهه گرفتار ڪري مٿس موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هڻي کيس گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ، چونڊيل نمائندن ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته اسان سان خدا ڪارڻ انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جو ٻچڙو اسان کي واپس ڪرايو وڃي.