ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو لڳ ڳوٺ صالو ڀيل ۾ وارثن پاران اغوا ڄاڻايل ناري چتري ڀيل وارو معاملي ۾ پوليس هٿ ڪيل جوڙي نوجوان حاجي عرف صحبت رند ۽ ناري چتري عرف خديجه شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت آڏو جوڙي موقف اختيار ڪيو ته اسان گهران مرضيءَ موجب نڪري پسند جي شادي ڪئي آهي. ناري عدالت کي ٻڌايو ته مونکي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، رضا خوشيءَ سان نڪتي آهيان ۽ ساماري جي مدرسي ۾ اسلام قبول ڪيو، منهنجو اسلامي نالو خديجه شيخ رکيو ويو آهي، مذهب مٽائي حاجي عرف صحبت رند سان پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ هاڻي حاجي رند سان گڏ زندگيءَ گذارڻ چاهيان ٿي. جڏهن ته ناري جي وارثن عدالت کي ٻڌايو ته نينگريءَ جي عمر ننڍي آهي هن کي ورغلائي اغوا ڪيو ويو آهي وارثن عدالت اڳيان نينگريءَ جو تعليمي سرٽيفڪيٽ به عدالت ۾ پيش ڪري گهٽ عمر هجڻ جو اعتراض داخل ڪيو، جنهن تي عدالت ۾ ناري موقف اختيار ڪيو ته آئون اڻ پڙهيل آهيان سڀ سرٽيفڪيٽ ڪوڙا آهن جنهن کان پوءِ عدالت ميڊيڪل ٽيسٽ طلب ڪري ورتي ۽ ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ تائين ناري کي وومين پوليس سيف هائوس مٺي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ناري سان شادي جي ڪندڙ نوجوان حاجي رند کي ڇاڇرو جيل منتقل ڪري ڇڏيو.