حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شنوائي تي دير سان ڇو آيا آهيو، حيدرآباد جي عدالت شراب ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد 2 ڀائرن کي 3 ڪلاڪ سزا طور عدالت ۾ قائم جڊيشل لاڪ اپ ۾ ويهاري ڇڏيو، معافي نامو جمع ڪرائڻ بعد ٻنهي ڀائرن کي آزادي نصيب ٿي. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار مظفر ۽ سندس ڀاءُ ظفر شيخ تي حسين آباد پوليس ڪجهه عرصو اڳ شراب وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدارن سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 عبدالمومن ڪلهوڙو جي عدالت مان جوابدارن پنهنجي ضمانت ڪرائي هئي. گذريل ڏينهن ٻنهي ڀائرن جي لاڳاپيل عدالت ۾ شنوائي هئي جنهن دوران صبح جي وقت ڪيس جو نمبر اچڻ دوران سڏ ٿيو پر ٻئي ڀائر موجود نه هئا. ڪجهه دير بعد جوابدار عدالت ۾ پهتا جن کي جج سامهون پيش ڪيو ويو ته عدالت جو جج مٿن ناراض ٿيو ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته ٻنهي ڀائرن کي گرفتار ڪيو وڃي. عدالتي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري جڊيشل لاڪ اپ ۾ قيد ڪيو جتان ٽن ڪلاڪن بعد جوابدارن پاران معافي نامو عدالت ۾ جمع ٿيڻ تي لاڳاپيل عدالت ٻنهي ڀائرن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.