لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ ججن جي ڀرتين جي سلسلي ۾ ٿيل ناانصافين ۽ بيقاعدگين خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي احاطي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ محمد عاشق ڌامراهه، جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، ميمبر سنڌ بار ڪائونسل ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي، صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن اڪبر علي ڏهر، جنرل سيڪريٽري محمد اسماعيل ابڙو، لالا علي بخش مشوري، شفقت حسين جتوئي، الله ڏنو تنيو، ثناءَ الله تنيو ۽ ٻين چيو ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي ڀرتي وارو فيصلو بي بنياد ۽ آئين جي خلاف آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ کي نظرانداز ڪندي 5 نمبر جج کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ غير آئيني آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 182 جي خلاف ورزي آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته جيسيتائين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ سان انصاف ڪري ان کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج نه ٿو بڻايو وڃي قانون ۽ آئين تي مڪمل پابندي سان عمل نه ٿو ڪيو وڃي تيسيتائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاروائين سبب ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.