لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا مشي خان عامر لياقت حسين جي زندگي ۾ هن مٿان ڪيل تنقيد تي معافي گهري ورتي. مشي خان ڪجهه ڏينهن اڳ عامر لياقت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو جڏهن ته هاڻي اداڪارا هن جي دنيا مان وڃڻ کانپوءِ هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ اداڪارا وڊيو ۾ چيو ته منهنجي دل تي 2 ڏينهن کان ٻوجهه آهي، مونکي هن جي وفات تي گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي، مان گهڻي شرمنده آهيان ۽ گڏوگڏ ئي معذرت به ڪرڻ چاهينديس، اهو هن دنيا ۾ ناهي، منهنجي دل تي ٻوجهه هو ان لاءِ وڊيو نه ٺاهي سگهيس.اداڪارا چيو ته ماڻهو جذبات ۾ اچي گهڻو ڪجهه غلط ڪري ويهندو آهي.