لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ريشم وفاقي بجيٽ کي عوام ۽ فنڪار دوست بجيٽ قرار ڏيندي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن. ريشم وفاقي بجيٽ کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان فلم کي انڊسٽري جو درجو ڏئي بدحال انڊسٽري ۾ تازو روح ڦوڪيو آهي. وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي فلم انڊسٽري سان رويو دوستاڻو ۽ بجيٽ شاندار آهي. فنڪارن جي انشورنس تمام سٺو قدم آهي، فنڪارن کي انشورنس ۽ ٽيڪس مان آجو قرار ڏيڻ سان فلم انڊسٽري ترقي ڪندي.  اداڪارا عوام ۽ فنڪار دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم پاڪستان ميان نواز شريف جا دل جي گهرائين سان ٿورا به مڃيا.