زندان جي جهروڪن مان

جيل جي دنيا جو صبح

 

صبح جي هوا جو جهوٽو وساريل ڪتاب جي صفحن کي کولي ڇڏي ٿو. جنهن دوران من ۾ هڪ ڌنڌلو تصور اڀري اچي ٿو. سورج مکي جهڙو سج صبح جو مون جهڙن خواب ڏسندڙن کي روشني جي گرم تلاءُ ۾ وهنجاري ڇڏي ٿو. حيدرآباد جيل جي تازي ۽ چست هوا جسم کي چوٽي تائين روح کي پل کن لاءِ تسڪين ڏيو ڇڏي. صبح جو سج مٿي ايندي ئي جيل جو ماحول آهستي آهستي جهڪو ٿيندو مٽجيو وڃي ٿو ۽ سڀڪو قيدي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳيو وڃي ٿو. ڪي قيدي ڪورٽن ڏانهن سفر ڪندا آهن ۽ پڪا سزا وارا قيدي وري پنهنجي پنهنجي مشقت ۾ لڳي وڃن ٿا. جن جي وڃڻ کانپوءِ بيرڪن ۾ خالي جايون بيابان جو ڏيک ڏين ٿيون. فقط مون جهڙا قيدي پنهنجي کولين ۾ ننڊ ۾ کرا هوندا آهن. بيرڪن ۾ مڇي جهڙي مارڪيٽ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ٿيو وڃي، گهڻن قيدين ڪري، بيرڪن اندر شور شرابو ٿيندو آهي، سا گهٽ ٿيو وڃي. ايتري قدر جيل جي آسپاس وارين جڳهين تي خاموشي ڇانيل هوندي آهي. فقط ڪنهن ڪنهن مهل قيدين جي چرپر ۽ منهنجي سامهون واري بيرڪ مان شور ٿئي ٿو. تنهن هوندي به منهنجو هنڊيوال علي نواز ننڊ ستو پيو هوندو آهي. حيدرآباد جي سينٽرل جيل جنهن جو هي وارڊ عجيب وارڊ آهي جنهن وارڊ ۾ آئون رهيو پيو آهيان. هن وارڊ ۾ ننڊ ڪرڻ تمام مشڪل آهي، جنهن ۾ مون پنهنجي جيل جي زندگي جا سڄا سارا 8 سال گذاريا آهن. حيدرآباد جي خطرناڪ ۾ خطرناڪ جيل ۾ گذريل 8 سالن کان بند آهيان. منهنجي سامهون حيدرآباد شهر جو سهڙو منظر آهي، جنهن کي مون وساريو ناهي، روشني هن شهر جون سٽي گيٽ ڪراس ڪري منهنجي کولي تائين اچن ٿيون. وچ ۾ حيدرآباد شهر ۽ منهنجي هڪ وڏي ديوار آهي جنهن ديوار کي ڪراس ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي ٿا وڃن. اها ديوار منهنجي ارادن کي ڪمزور نٿي ڪري سگهي. اڃا آئون جوان آهيان اگر جوان ناهيان ته پوڙهو به ناهيان. منهنجي خيال ۾ اڃا به جيل مان نڪرڻ جون اميدون آهن. ڇو ته منهنجي هٿن جون لڪيرون گردش ۾ آهن. ڪنهن وقت به آزادي منهنجي منتظر آهي. ڇو ته ذهن ۾ آزادي ماڻڻ جي آس ۽ حيرت ۾ وجهندڙ لوهه جهڙي مضبوطي به آهي. انهي آڌار تي هڪ ڏينهن ضرور آزادي ماڻي نڪرندس.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل

پاڪستان سڀ کان وڏي چيلينج کي منھن  ڏئي رھيو آهي؟

 

پاڪستان ھڪ تاريخي ڀيانڪ دور مان گذري رھيو آهي. ماضي ۾ ملڪ ڪيترن ئي بحرانن کي منھن ڏنو آهي جنھن جو ڪارڻ خراب administration آهي جيڪا گذريل حڪمرانن جي غلط فيصلن جي ڪري خراب آهي ۽ پاڪستان اڄ تائين بحرانن مان ناهي نڪتو. سڀ کان پھريون ۽ خوفناڪ بحران معيشت جو آهي. بينڪون سٺي حالت ۾ ناهن رھيون ۽ ٻاھرين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن. مھنگائي ته ايتري ٿي چڪي آهي جو عوام بيزار آهي  ۽ ٻه وقت ڇا ھڪ وقت به مشڪل سان گذارو ڪري رھيو آهي. ان کانپوءِ لوڊ شيڊنگ آهي، بجلي ڪٿي ٻارنھن ٻارنھن ڪلاڪ ڪٿي ته صفا غائب آهي اڄڪلهه جي دور ۾ ڪاروبار جو دارومدار بجلي تي آهي اھا به بند لڳي پئي آهي پوءِ عوام ڪيڏانهن وڃي؟

 

ياسين سنڌي

يو سي ديھه سوهو ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊ

 

اڄ ذڪر ڪجي ٿو تعلقي ڪوٽڏيجي جي يو سي ديھ سوھو جو ۔ يو سي ديھ سوھو کي پ پ  جو ڳڙهه سمجھيو ويندو آھي. ھن وقت تائين ھميشه پ پ ئي کٽيو آھي. سبب اھو آھي ته شھيد جمھوريت محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ۽ پ پ سان ماڻھن جي محبت. پر مڪاني چونڊن ۾ ھن ڀيري يو سي ديھه سوھو تي ووٽنگ جو ٽرن آئوٽ 35 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين ٿيڻ جو امڪان آھي. پ پ اميدوارن کي 60 سيڪڙو ۽ جي ڊي اي کي 40 سيڪڙو ووٽ پوڻ جو امڪان آھي. يو سي ديھ سوھو تي ضلع ڪائونسلر ميمبر جي سيٽ تي پ پ پاران نامزد اميدوار کي پڻ 60 سيڪڙو ۽ جي ڊي اي کي 40 سيڪڙو ووٽ ٿيڻ جو امڪان آھي. وارڊ نمبر 3 ۽ وارڊ 4 تي پ پ جو اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آھن. وارڊ نمبر 1 تي پ پ جي نامزد اميدوار کي 70 سيڪڙو مدمقابل آزاد اميدوار کي 30 سيڪڙو، وارڊ نمبر 2 تي پ پ کي 40 سيڪڙو مدمقابل آزاد اميدوار کي 60 سيڪڙو ووٽ ٿيڻ جو امڪان آھي. جي ڊي اي پاران نامزد اميدوار کي پڻ سٺا ووٽ ملندا. منھنجو ھي صرف ذاتي اندازو آھي جيڪو غلط به ثابت ٿي سگھي ٿو. پر ضرورت ان عمل جي آھي ته جنھن به اميدوار محنت ڪئي ۽ پارٽي سان گڏوگڏ شخصي ووٽ ٿيو ته اھو اميدوار وڏي مارجن سان کٽي سگھي ٿو. اگر 2018 جي جنرل اليڪشن جي ڳالھه ڪجي ته ان اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار منور علي وساڻ پولنگ اسٽيشن گورنمنٽ ھائي اسڪول ديھ سوھو مان مردن جي پولنگ اسٽيشن تان صرف 73 ووٽ جي ليڊ سان کٽيو ھو.

 

لياقت علي شيخ/ ڳوٺ ديھ سوھو

 

پورهيتن غريبن جو انقلاب!

 

اسان ماڻھو اھڙي جھان ۾ رھون ٿا، جنھن ۾ اسان جون خوشيون، خواھشون، مرضيون پنھنجي تاريخ جوسچ ان قسم جي ڪا ڳالھه اسان جي پنھنجي زندگي ۾ شامل ڪانه آھي. اھا ان ڪري شامل ڪانھي جو اسان پنھنجي زندگي ٻٽي غلامي ۾ ڀوڳيون ٿا ۽ غلام ماڻھو جي ڪا به پنھنجي مرضي خواھش نه ھوندي آھي. اڄ سنڌ ۾ تيل گئس ۽ ڪوئلو چپي چپي تي ملي ٿو پر آھي ڪنھن سنڌي غريب ھارياڻي پورھيت مسڪين يا ان جي پٽ کي اتي آفيسري جي نوڪري؟ جنھن به سرادر جي علائقي مان ملي ٿو اتي ان کي نوازيو وڃي ٿو. غيبي ديري مان تيل نڪتو آھي ته اتي ان جو مالڪ سردار ٿيو بيٺو آھي. روز  ھزارين ماڻھن جي پگھار ڪمپني کان وٺندو ٻيو جيڪو سو ڪمپني وارا ميڙي سيڙي وفاق کي پنھنجو حصو ڏئي باقي پنھنجي ملڪ کڻي ويندا. سنڌ ان وقت وجود ۾ آئي جڏھن الله تعالي ھن ڌرتي کي تخليق ڪيو. سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آھي. سنڌ ۾ ھن کان پھرين ڪيترائي ھلاڪو خان چنگيز آيا پر سنڌ پنهنجو وجود برقرار رکيو، هاڻ به سنڌ ڌرتي پنھنجي عزت وقار کي بحال ڪندي.

 

انجنيئر وسيم چنه/سيوهڻ

 

تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ سرڪاري خزاني مان مفت پيٽرول فراهمي

 

تيل جي قيمتن ۾ ڏينهو ڏينهن ٿيندڙ اضافي ۽ گاڏين جي ڪراين ۾ واڌ جي ڪري ماڻهن لاءِ سفر ڪرڻ ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي. ڏينهو ڏينهن ريڪارڊ مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو پيو وڃي. عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ واڌ عام ماڻهن ۽ غريب عوام جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن سرڪار ۾ ويٺل نمائندن لاءِ فائدا ئي فائدا آهن، سندن وارا نيارا ۽ انهن جون موجان ئي موجان لڳيون پيون هونديون آهن. اهي نمائندا عوام جي ووٽ سان چونڊجي ايوانن تائين پهچن ٿا پر بعد ۾ ماڻهن لاءِ جيترا ڪارائتا ثابت ٿين ٿا اها سڀني کي خبر آهي. ذوالفقار ڀٽو چيو هو ته غربت، بک، افلاس ۽ جهالت خلاف اسين جدوجهد جاري رکندا سين. جنهن کي دنيا جي ڪائي طاقت روڪي نٿي سگهي. ڏٺو وڃي ته پ پ پ ٽڪيٽ ملڻ کانپوءِ پ پ پ بدولت چونڊجي اقتدار ۾ اچي انهن چونڊيل نمائندن جي پنهنجي غربت ۽ بُک ته هن مهل تائين ختم ٿي وئي پر سنڌ جي غريب عوام جي حالت ايئن کڻي چئون ته اڃا تائين ڪونه بدلي آهي. جنهن طرف نظر ڦيرائجي ته غربت بُک ۽ افلاس جو راڄ نظر ايندو. ڳالهه اها آهي ته عوام لاءِ ته تيل جون قيمتون ڏينهو ڏينهن حد درجا وڌن ٿيون پر تنهن سان گڏ سنڌ ڪابينا ۾ ويٺل وزيرن، مشيرن، معاونن کي سرڪاري خزاني مان ملندڙ تيل جي مفت فراهمي وارا مزا پنهنجي جاءِ تي برقرار آهن. سنڌ جي هر وزير کي ماهانه 600 ليٽر تيل ڏنو ويندو آهي. سنڌ ڪابينا جي 18 وزيرن کي سالانا هڪ لک 29 هزار 600 ليٽر تيل سرڪاري خزاني مان مفت ملندو آهي. سنڌ ڪابينا ۾ شامل مشيرن کي ماهانه 500 ليٽر تيل ڏنو ويندو آهي ۽ هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ ڪابينا ۾ شامل پنجن مشيرن کي 30 هزار ليٽر تيل سرڪاري خزاني کان ڏنو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۾ مجموعي طور تي 25 معاون خصوصي کي ماهانه 400 ليٽر تيل سرڪاري خزاني مان ڏنو ويندو آهي. ڳالهه اها آهي ته مجموعي طور تي سالانه لکين ليٽرن تائين پيٽرول سرڪاري خزاني مان کين مفت ڏنو وڃي ٿو. جنهن ڪري تيل جون قيمتون وڌڻ ڪري به سرڪاري ۾ ويٺل نمائندن، وزيرن، مشيرن وغيره جا سرڪاري خزاني کان مفت پيٽرول جي فراهمي جي ڪري سڀني قسمن جي موجن سميت وارا نيارا لڳا پيا هوندا آهن.

 

محمد اسلم ماڪو /پنوعاقل

 

اوسيئڙي ۾ جڙيل آس جي سرجڻھار، سلام ٿهيم جي سار لهو

 

ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قومن جو نه صرف سرمايو هوندا آھن پر اهي  پنهنجي لکڻين ۾  سماجي اوڻاين سان گڏ ان جي بهتري جا دڳ پڻ ڏسيندا آھن. اهڙن ڪهاڻيڪارن ۾ لاڙ پٽ جي ساحلي پٽي تعلقي جاتي جو نوجوان ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. خبر پئي آهي ته هي نوجوان ڪهاڻيڪار گردن جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل آھي. ڪافي وقت اڳ مون کي هاءِ اسڪول ۾ هڪ دوست ” گل ڦل“ رسالو ڏنو هو جنهن ۾ ايڊيٽر عبدالسلام ٿهيم لکيل هو. سچ اهو آھي ته هن رسالي پڙھڻ کانپوءِ ادب طرف وکون کڻڻ جو شوق جاڳيو. پوءِ آھستي آھستي سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽  اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. هن وقت سندس ڪهاڻين جا 2 ڪتاب ۽ ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب پڻ ڇپيل آھي. ويجهڙائي ۾ سندس ڇپيل ڪتاب ” اوسيئڙي ۾ جڙيل آس“ ۾ موجود ڪهاڻيون پڙھجن ٿيون ته ڇرڪ نڪريو وڃن. سندس ڪهاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اهڙي ته اپٽار ٿيل آھي جو ڪهاڻيون پڙھندي ماڻھو تي ڄڻ ته سڪتو طاري ٿيو وڃي.  لاڙ پٽ جي ضلعي سجاول جو هي واحد ليکڪ آھي جيڪو سماجي مسئلا به ادبي طريقي سان لکي ٿو. مختلف اخبارن ۾ ڇپيل سندس سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي خط ۽ مضمون هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿا. هن نوجوان ڪهاڻيڪار ڪيترن ئي ڪچڙن ذھنن جي آبياري پڻ ڪئي آھي. سنڌ جي ادبي لڏي توڙي ثقافت کاتي سنڌ کي گذارش آھي ته هن نوجوان ليکڪ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن پاڻ وري به صحتياب ٿي علم ۽ ادب جي جوت جلائيندو رهي.

 

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

 

بھترين شخصيت اعجاز احمد لنڊ

 

دنيا ۾ اھڙا ماڻھو گھٽ پيدا ٿيندا آھن جيڪي ٻين لاء سوچين. پر اعجاز احمد لنڊ جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ڪري سگهجي ٿو. فقيراڻي طبيعت جو مالڪ ھر ننڍي توڙي وڏي سان محبت ڪندڙ عزت ڪندڙ کلي ڳالھائڻ وارو هي شخص ماڻهن جي مسئلن جي حل لاء فڪرمند رھي ٿو. هو 20 سالن کان ڇاڻو شاھ آباد وارڊ هڪ جي عوام سان ھر ڏکئي سکئي وقت ۾ گڏ رھيو آھي. برادري جا مسئلا ھجن، ڊرينيج جي صفائي ھجي. بجلي جو مسئلو ھجي يا ڪو ٻيو اشو ھجي هو ھر وقت اڳيان اڳيان ھوندو آھي. هن وارڊ ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم منظور پڻ ڪرايا آھن جن ۾ روڊ رستا نالين جون موريون شامل آھن.

 

درياخان بلوچ/ دادو

 

مسيحا ڪردار عورت ڊاڪٽر رخسانه شر

 

سنڌڙي جي سرزمين شهر هڱورنو  ۾ جنم وٺندڙ اها عورت جنهن زندگي ۾ گهڻيون ئي تڪليفون ڏٺيون گهڻا ئي ڏک درد ڏٺا کين انهن ئي ڏکن سندن اندر ۽ احساس کي اهڙو ته رحمدل ڪري ڇڏيو جو ٻين جا ڏک درد پنهنجا درد محسوس ٿيڻ لڳا. ڊاڪٽر رخسانه شر گهڻو عرصو انساني خدمت ڪرڻ واري هڪ پيشي ڊاڪٽري سان سلهاڙيل رهي. سندس شروع کان اهو مقصد رهيو ته انسانن سان ڀلائي ڪريان. پاڻ هڪ مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکي ٿي پر سندن خدمتون وسيع آهن. جيڪي ماڻهو مسيحا بنجي عوام جي خدمت ڪندا آهن انهن کي تاريخ جي سونهري لفظن ۾ نمايان قطار ۾ لکيو ويندو آهي. ڊاڪٽر رخسانه ڪا چئيرمين شپ جي عهدي رهي ۽ نه ئي ڪنهن وزارت جا مزا ماڻيا اٿس پر  ان هوندي سندس ڪوششون وزارتن کان بهتر آهن. گذريل ٻوڏ دوران هڱورنو شهر کي پاڻي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو هو. پر پنهنجي مدد تحت پاڻي کي بند ڏياري وڏو ڪنٽرول ڪيو جيئن شهر اندر پاڻي داخل ٿي نه سگهي. 2020ع واري ٻوڏ ۾ غريب طبقو ٻن ويلن لاء پريشان هو ان وقت ڊاڪٽر رخسانه شر پرڏيهي اين جي اوز جي تعاون سان ڪجه امداد مسڪينن ۾ تقسيم ڪرائي. پاڻ پيپلزپارٽي سان تعلق رکي ٿي هن وقت ليڊيزونگ ضلعي سانگهڙ جي صدر آهي. بلدياتي اليڪشن ۾ ٽائون ڪميٽي هڱورنو ڪي چئيرمين لاء فارم ڀرايو آهي.

محرم علي شر

قيديءَ جي ڊائري

ڳوٺ حاجي امير بخش وساڻ جي سار لهو

 

ضلعي شهيد بينظير آباد جي تعلقي دوڙ جي يوسي خان محمد جلباڻي جي 100 گهرن ۽ 1500 ماڻهن جي آبادي رکندڙ ڳوٺ حاجي امير بخش وساڻ هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هن ڳوٺ سان هر دفعي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن جي سنڌ حڪومت هوندي به هن ڳوٺ کي ڪا به بنيادي سهولت نه ملي سگهي آهي. هن ڳوٺ جا تقريبن 700 ووٽ آهن جن پڻ سدائي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڪيو آهي، تنهن هوندي به هن علائقي جا چونڊيل نمائندا هن ڳوٺ کي مسلسل نظرانداز ڪندا پيا اچن. جڏهن ته ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهولت نه هجڻ ڪري هتان جا 150 کن ڇوڪرا ۽ 100 کن ڇوڪريون تعليم جي زيور کان محروم آهن. روڊ جي سهولت نه هئڻ ڪري برسات پوڻ جي صورت ۾ رستي تي گپ ٿي ويندي آهي ۽ رهواسين کي تمام گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. ڳوٺ ۾ نه ڪنهن گيس جي سهولت آهي ۽ نه وري اسپتال جي. هن ڳوٺ جي ماڻهن جي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ تڪ جي ايم اين اي سليم رضا جلباڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته خدارا اسان کي پنهنجون جائز بنيادي سهولتون فراهم ڪري اسان کي پريشانين کان نجات ڏياري وڃي.

 

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

قيدي جي ڊائريءَ جا ورق

A Cage Story

 

آئس اهو نشو آهي جيڪو چمڙي کان علاوه هڏ کي به ڳاري ڇڏيندو آهي ۽ تمام مهانگو نشو آهي جيڪو نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ کان علاوه انهن کي ڏوهاري به ٺاهي رهيو آهي. لازمي آهي ته ايڏو مهانگو نشور ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ته ناهي ۽ پوءِ جڏهن موالين کي نشي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ انهن وٽ پئسا به ناهن هوندا ته پوءِ هو ڏوهه ڪندا آهن يا پاڻ کان وڏي عمر جي حوس پرستن جي حوس جو نشانو ٿي پوندا آهن يا ٿيندا رهندا آهن ۽ صحت ۽ پئسي  کان علاوه پنهنجي عزت کان به محروم ٿيندا ويندا آهن پر انهن کي ڪا به پرواهه ناهي هوندي. ياد رهي ته سڄي سنڌ ۾ آئس جو نشو تمام تيزي سان هوا جيان پکڙجي رهيو آهي پر اسان جو شهر حيدرآباد سموري سنڌ ۾ سڀني کان زور آهي. مون ڏٺو آهي ته 16 کان 24 ورهين جو جيڪو به ڏوهاري پڪڙجي جيل ٿو اچي اهو آئس جو موالي آهي. پوءِ اهي موالي جيل ۾ به نٿا مڙن ۽ مختلف طريقن سان آئس کي جيل ۾ به ڌڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جنهن جي ڪري اسان عام ۽ شريف قيدين جو سامان تلاشي وارا سپاهي ڀت ڪيو ڇڏين. سپاهي ڇا ڪن انهن ۾ انهن جو ڪو به ڏوهه ناهي. شيخ اسان ڏي ڪيئن آيو اڄ اها ڳالهه توهان کي ٻڌايان ٿو. ٿيو ڪجهه ايئن جو منهنجو مشقتي ماڇي تاريخ تان آيو ته صفا وائڙو لڳو پيو هو. نه ڪجهه کائي پيو ۽ نه ئي ڪنهن سان ڳالهائي پيو. هو هر تاريخ تي ايئن ڪندو هو ڇو جو حيدرآباد سٽي ڪورٽ تان هو خوب نشو ڪري ايندو هو ۽ کولي ۾ اچي چوندو هو ته اڄ سمورو ڏينهن ڪورٽ ۾ بيهي گذاريو اٿم ان لاءِ جام ٿڪل آهيان. مون کي نشي وغيره جي باري ۾ وري ڪابه ڄاڻ ناهي ان لاءِ آئون هن کي کير دوا وغيره ڏئلي آرام ڪرڻ جو چئي ڇڏيندو هئس ۽ ان کي آزادي لاءِ دعا ڪندو هئس. ڇو جو هن اڳيان پويان ڪير به ناهي، هڪ پيءُ اٿس جيڪو ڦاهيءَ جي سزا ۾ 12 ورهين کان بند آهي. هن جي پيءُ کي 7 ورهين جي ٻار سان زنا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي جي سزا ملي. خير مون ماڇي جي حالت ڏسي کيس چيو ته مون کي سچ ٻڌاءِ ته تون ڪورٽ مان ڇا واپرائي آيو آهين؟ هن چيو اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي پر آئون ضد تي هئس. مون هن اڻ پڙهيل کي چيو ته آئون جيل وارن کي چئي ڊي اين اي مشين هينئر ئي گهرايان ٿو جنهن ۾ سڀ خبر پئجي ويندي ته تون ڪهڙو نشو ڪري آيو آهين. اگر نشو ظاهر ٿيو ته پوءِ جيل انتظاميا ڄاڻي تون ڄاڻين. منهنجي اها ڌمڪي ڪم ڏيکاري وئي ۽ ماڇي ٻڌايو ته هو لاڪپ جي سپاهي کوسي کان چرس وٺي واپرائي آيو آهي. سٽي ڪورٽ جي لاڪپ ۾ سالن کا اهو ڌنڌو هلي رهيو آهي. هونئن ته سٽي ڪورٽ مان قيدي کي صابڻ ۽ ماني به کڻڻ نه ٿا ڏين پر منشيات اهلڪار پاڻ ويڙهي ڏيندا آهن جنهن ڪري جيلن جو ماحول خراب ٿيندو آهي. (جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندگي ۽ ان جو مقصد!

 

ﷲ پاڪ پاران اسان کي هي زندگي هڪ وڏي ۾ وڏي نعمت طور عطا ڪئي وئي آهي، جنهن جو هڪ وقت مقرر ٿيل آهي يعني انسان جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ان جو وقت مقرر آهي. هن زندگيءَ جو قدر ڪجي ۽ ان کي نيڪيون ڪندي گذارجي ۽ اھو سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ان جو مقصد ڪهڙو آهي؟ حقيقت ۾ ان جو مقصد هي آهي ته اسان حقوق ﷲ ۽ حقوق العباد ٻنهي تي عمل ڪريون. ﷲ پاڪ جي ٻانهن جي حقن جو پورائو لازمي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻانهن جي حقن جو پورائو نه ٿيندو ته ڄڻ ﷲ پاڪ جي حقن جو پورائو نه ٿيو. ٻانهن جا حق هي آهن ته اسان جي آسپاس رهندڙ غريب طبقي جي ماڻهن جي وس آهر مدد ڪريون. انهن جي هر قسم جي سهائتا ڪريون. ڪنهن تي ظلم نه ڪريون. جتي ظلم ٿئي اتي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون، ظالم جي سامهون بيهي مظلوم جا مددگار ٿيون ان کي ان جو حق وٺي ڏيڻ ۾ ان جي هر قسم جي مدد ڪريون. ڪنهن بکايل کي کاڌو کارايون. ڪنهن يتيم جي مٿي تي هٿ رکي ان جو سهارو ٿيون. ڪنهن بيواھ جي مدد ڪريون، ڪنھن جي دل آزاري نه ڪريون. بيمارن جي سار سنڀال لهون. وڏن جو ادب ڪريون ننڍن سان پيار سان پيش اچون. جانورن تي ڪھل ڪريون، هر قسم جي حرام کان پاسو ڪريون. مشڪلاتن کي صبر سان منهن ڏيون، پريشان حال ماڻهن سان ٻانهن ٻيلي ٿيون. ماءُ پيءُ سان ادب سان پيش اچون، پنهنجن زالن کي انهن جا حق ڏيون. پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت ڪريون.

 

نظير ڏاھري /جمال شاھ