ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ لکاڏنو مڱڻهار جو 66 ورهين جو مشهور ڍولڪ نواز محمد سومار مڱڻهار گذريل ٻن سالن کان فالج جي مرض سان جهڙيندي وفات ڪري ويو، هن سنڌ جي مشهور فنڪارن عابده پروين، فوزيه سومرو، روبينه حيدري، مٺو ڪڇي، الهڏنو جوڻيجو سميت ڪيترن ئي ٻين فنڪارن سان ڍولڪ وڄائي، هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ مخدوم امين فهيم جي مشهور وائي “سڄڻ جا ساريو سانگ” فنڪار استاد محمد يوسف جي آواز ۾ ڳايل هن وائي ۾ پڻ ڍولڪ تي ساٿ ڏنو. هن جلال چانڊيو جي فلم ۾ ڪردار ادا ڪيو. ثقافت کاتي پاران پر گهور نه لهڻ ڪري قسم پرسي واري حالت ۾ گذاري ويو. هن کي مقامي قبرستان موٽو درس ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ صرف ويجهن چند مائٽن شرڪت ڪئي.