اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي 2013ع جي عام چونڊن ۾ چونڊ ڪاغذ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل غيرموثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ پرويز مشرف جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت قرار ڏنو ته پرويز مشرف 2013 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چونڊ ڪاغذ جمع ڪرايا، اها اسيمبلي 2018 ۾ ختم ٿي چڪي آهي، هاڻ هو جيڪڏهن ٻيهر اليڪشن وڙهي ته پنهجن ڪاغذن جو دفاع ڪرڻ جي قابل هوندو.