اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو ڌار ڌار اجلاس اڄ جمع ڏينهن ٿيندو، قومي اسيمبلي جي اڄ جمعي ڏينهن ساڍي ڏهين وڳي ٿيندڙ اجلاس لاءِ 22 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ نواز ليگ جي احسن اقبال سوڌو مخالف ڌر پاران جمهوري  نظام جي حق ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد کي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو آھي، ايجنڊا ۾ ٻن آرڊيننسن جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جون قراردادون شامل ڪيون ويون آھن، جڏهن ته ڪراچي ۾ گيس بحران بابت ايم ڪيو ايم جو ڌيان طلب نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل آھي ٻئي طرف سينيٽ جو اجلاس به اڄ جمع ڏينهن ساڍي 10 وڳي ٿيندو.