اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم پاران معاشي گروٿ 5.37 سيڪڙو هجڻ جي دعويٰ، مهگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مهانگائي تي ٽن چئن مهينن ۾ ڪنٽرول ڪري وٺنداسين،  شريف خاندان مافيا آهي، عدليا کي دٻاءَ ۾ آڻي مرضي جا فيصلا وٺڻ واري نواز ليگ جي تاريخ سڀني سامهون آهي، اسان مافياز جو مقابلو ڪنداسين، وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ معيشت بابت بلوبرگ، اڪانومسٽ جي تازين رپورٽن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا بحران باوجود 5.37 سيڪڙو معاشي گروٿ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آھي، منهنجي حڪومت جي معاشي گروٿ نواز ليگ وانگر ڏيکاءُ نه آھي، ملڪي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي آھي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا بلند سطح تي آھن، چار وڏن فصلن جي بمپر پيداوار ٿي آھي، آٽو سيڪٽر ۽ لارج مينيوفيڪچرنگ جي شعبا  به بهترين  گروٿ ڏيکاري رهيا آھن، نواز ليگ جيڪو پنج سالن جي حڪومت ۾ نه ڪري سگهي، اسان ٽن سالن ۾ ڪري ڏيکاريو آھي، ذريعن مطابق اجلاس ۾  اسلام آباد هاء ڪورٽ ۾ هلندڙ جسٽس رٽائرڊ رانا شميم جي ڪيس تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق وزير اعظم ڳالهائيندي چيو ته ججن کي دٻاءَ ۾ آڻي من پسند فيصلا وٺڻ جون ڪوششون ماضي ۾ به ٿيون، نواز ليگ جي عدليا تي دٻاءُ وجهڻ جي تاريخ سڀني سامهون آھي، هڪ مخصوص مافيا عدليا کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ آھي، سڀ گڏجي عدليا تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، بليگ ميلنگ سان هي جيڪو ڪجھه چاهين ٿا، اهو کين ڪنهن صورت ۾ نه ملندو. وزير اعظم چيو ته رانا شميم جو حلفي بيان مريم نواز جي ڪيس وقت آيو، ان مامري جي ٽائيمنگ کي ڌيان ۾ رکي سامهون آندو ويو پر هي بي نقاب ٿي ويا آھن، مريم نواز جي پيشي کان اڳ ڪجھه ماڻهن کي الهام ٿيڻ لڳندو آھي شريف فيملي مافيا وانگر ايڪٽ ڪري رهي آھي، شريف فيملي پاڻ کي بچائڻ جي جنگ وڙهي رهي آھي، اسان عوام جي جنگ وڙهي رهيا آھيون، اسان هن مافيا جو مقابلو ڪنداسين، منهنجي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي تمام زبردست آھي، مهانگائي آهي پر ان تي ٽن چيئن مهينن ۾ ضابطو آڻي وٺنداسين. هن چيو ته مخالف پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندا رهيا پر سامهون آيل سروي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي سڀني وڏن وزيرن کان ڪارڪردگي پهرين نمبر تي آھي، ٻئي نمبر تي ڪارڪردگي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي آھي، مراد شاهه انگريزي ڳالهائي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ان جي ڪارڪردگي زيرو آھي، ذريعن مطابق وزير اعظم پيپلزپارٽي جي اعلانيل لانگ مارچ تي تنقيد ۽ طنز ڪندي چيو ته بلاول جي اعلانيل لانگ مارچ سبب ايترو پريشان آھيان جو ننڊ نٿي اچي.