لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پاسپورٽ جي واپسي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گذريل 4 سالن کان منهنجو پاسپورٽ عدالتي تحويل ۾ آهي جڏهن ته نيب چوڌري شگرمل چالان عدالت ۾ پيش ناهي ڪري سگهيو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالت ميرٽ تي ضمانت منظور ڪئي. ڊگهي عرصي لاءِ ڪنهن شخص کي سندس بنيادي حق کان محروم نٿو رکي سگهجي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ ايان علي جا ڪيس به ان جا مثال آهن. عدالت کان استدعا آهي ته پاسپورٽ واپس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.