اسلام آباد (بيورو رپورٽ)7 سيپٽمبر تائين ٻوڏ سبب ملڪ اندر فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 1355 تائين پهچي ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتين جو تعداد سنڌ صوبي ۾ 542 ٿي ويو آهي، اين ڊي ايم اي پاران ملڪ اندر 7 سيپٽمبر تائين جاني توڙي مالي نقصان بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ اندر ڪل 12 ڄڻا ٻوڏ سبب فوت ٿيا، جن ۾ 6 سنڌ صوبي ۾، 2 ڪي پي ڪي، 3 بلوچستان  ۽ هڪ آزاد ڪشمير ۾ فوت ٿيل شهري شامل آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ اندر ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جو تعداد وڌي 1355 تي پهچي ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ صوبي ۾ 542، خيبر پختونخوا ۾ 292، بلوچستان ۾ 263، آزاد ڪشمير 44، گلگت بلتستان ۾ 22  ۽ اسلام آباد ۾ هڪ فوتي شامل آهي، اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ڪل 17 لک 12 هزار 514 گهر جزوي ۽ مڪمل طور تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن ۾ سنڌ ۾ جزوي توڙي مڪمل طور تباهه ٿيل گهرن جو مجموعي تعداد 14 لک 98 هزار 976 آهي، جن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهر 4 لک 87 هزار 410 ۽ جزوي طور تي متاثر ٿيل سنڌ صوبي ۾ گهرن جو تعداد 10 لک 11 هزار 566 آهي.