حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو رڪجي ويو آهي. گذريل 48 ڪلاڪن دوران پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 لک 4 هزار 127 ڪيوسڪن تي ٽڪيل رهيو. بئراج وٽان واهن ۾ پاڻي جي کڻت وڌائي 20 هزار 245 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک 83 هزار 882 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ ٻوڏ واري پاڻي جي دادو-مورو پل وٽ سطح 130.4 فٽ رهي جيڪا ٻه ڊيسيمل ڪري 130.35 فٽ ٿي وئي. تونسا، پنجند، گڊو ۽ سکر وٽ به پاڻي ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. تونسا جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 6 هزار 505 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 91 هزار 5 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽان سنڌو ۾ 9 هزار 960 ڪيوسڪ پاڻي جو ڇوڙ رهيو. گڊو بئراج برساتن کانپوءِ پهريون ڀيرو واهن ۾ پاڻي جي کڻت شروع ڪئي آهي. گڊو جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 5 هزار 918 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 98 هزار 453 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو وٽان ڪئنالن لاءِ 3 هزار 580 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت شروع ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 88 هزار 770 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج سنڌ جو اهو پهريون بئراج آهي جنهن برساتن بعد هڪ هفتو اڳ کان ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ شروع ڪيو هو. سکر بئراج جو روهڙي ڪئنال سسٽم، نارا ڪئنال سسٽم ۽ ساڄي پاسي جي سمورن واهن جو نظام برساتي پاڻي جي ڪري شديد متاثر آهي جنهن جي ڪري سکر بئراج وٽان پيئڻ لاءِ به اڃا تائين واهن ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن اڏيري لال وٽ روهڙي ڪئنال جي سطح 12 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي. اڏيري لال جي ڏهه دري وٽان ڇنڊڻ جو دروازو خراب ٿيڻ جي ڪري پاڻي جو نيڪال جاري آهي ۽ ڇنڊڻ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي کي ٽريڪٽرن ذريعي هوائي پکن جي مدد سان سنڌو ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. اڏيري لال جي ڏهه دري وٽان نصير ڪئنال، کيسانا واهه ۽ حيدرآباد برانچ ۾ پاڻي جو ڇوڙ جيئن جو تيئن جاري آهي. ڏهه دري جون ڪجهه شاخون مڪمل طور تي بند آهن جنهن ڪري مٿان کان ايندڙ پاڻي جو حيدرآباد برانچ، کيسانا واهه ۽ نصير ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.