اسلام آباد (بيورو رپورٽ)موجوده وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان وڌيڪ قيمتي تحفا ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي سمورا تحفا وزيراعظم توشا خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم اهي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جي به هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم کي مليل غير ملڪي تحفن کي رکڻ لاءِ جڳهه مختص ڪئي وئي آهي، وزيراعظم پاران توشا خاني ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم کي مليل تحفن هيري جي بناوٽ واريون ٻه گهڙيون به شامل آهن، جن مان هڪ گهڙي جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي گهڙي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي پئي وڃي، وزيراعظم تحفي ۾ مليل قيمتي پين، منڊي، ڪفلنگ سميت ٻيا تحفا به توشا خاني ۾ جمع ڪرايا آهن، وزيراعظم کي اهي تحفا 20 کان 30 اپريل 2022 تي سعودي ۽ يو اي اي جي ڪيل دورن دوران مليا.