اسلام آباد (بيورورپورٽ) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ايم بي بي ايس لاءِ پاسنگ شرح 65 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس لاءِ 55 سيڪڙو هئي جڏهن ته هاڻ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس لاءِ پاسنگ شرح 10 سيڪڙو گهٽائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پي ايم سي کي ٽوڙيو ويو هو هاڻ پي ايم سي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ جبري برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڪستان گريجويٽ لاءِ اين ايل اي جي امتحانن ۾ تبديلي ڪئي وئي، جڏهن ته پرڏيهين لاءِ اين ايل اي جو امتحان برقرار رهندو.