مسڻ (ن پ ا ) مسڻ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  ڳوٺ بيگن جروار جي رھواسين جو مسڻ آئل فيلڊ اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، اختر حسين جروار، شمس الدين جروار، ڪرشن ڀيل، شبير جروار ۽  ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ بيگن جروار ۾ 1997ع کان مسڻ آئل فيلڊ ۽ 2014 کان جروار ويل آئيل ۽ تازو ئي 2022ع ۾ نئين آئل فيلڊ روزانو 1400 بيرل تيل ڪڍي رھي آھي، پر ان باوجود ڳوٺ بيگن جروار سميت آس پاس ڳوٺن جي برسات متاثرين جي به ڪا مدد نه ڪئي وئي آھي، هنن چيو ته اسان او جي ڊي سي ايل آر سي حيدرآباد عبدالرحمان رند کي پڻ ڪافي درخواستون ڏنيون آھن، پر ڪو به جواب نه مليو آھي، ڳوٺاڻن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان برسات متاثرن جي واھر نه ڪئي وئي ۽ اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا،  ته اسين ٽنھي آئل فيلڊن جو گهيراءُ ڪنداسين ۽ ڊي سي ٽبڊوالھيار آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين، هوڏانهن سلطانه آباد ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي برسات متاثرين پاران ميرپورخاص خاص حيدرآباد روڊ تي درڻو جنھن سبب مين روڊ تي گاڏين جو قطارون لڳي ويون. عبدالواحد ھڪڙو ۽ رشيد لغاري ۽ ٻين جو چوڻ ھو  ته اسان اڄ ھڪ پر امن درڻو ان ڪري لڳايو آھي ته برسات سبب اسان جا گھر ڊھي ويا آھن اسين بک تي ويٺل آھيو پر ضعلي انتظاميه اسان جي ڪا به سار نه لڌي آھي اسان پنھنجي خرچ تي ڳوٺن مان ڪڊرايو آھي اسين 22 ڏينھن کان ڊي سي ٽنڊوالھيار جي آفيس جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون پر صرف ٺلھا آسرا ئي ملي رھيا آھن پر اسان جي ڪا به واھر نه ڪئي وئي آھي.