هالا (ن پ ا) هالا جي سولنگي برادري جي ماڻهن نظر انداز ڪرڻ ۽ سهائتا نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. رب نواز سولنگي، انيل، محمد حسن، علي ڏنو، سانوڻ سولنگي ۽ ٻين چيو ته مٽياري ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ بئنڪ سولنگي برادري جو آهي ۽ سولنگي برادري ابن ڏاڏن کان وٺي پ پ ۽ مخدوم هائوس کي ووٽ ڪيو آهي ان هوندي به سولنگي برادري کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻوڪين برساتن ۾ سولنگي برادري جا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ماڻهو بي يارو مددگار روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن مگر انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن پاران سندن ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي. ٻئي پاسي نوشهرو فيروز جي شهر ابڙال ۾ ٻن ڄڻن ذوهيب ميمڻ ۽ زاهد ميمڻ جي بي رحماڻي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، ۽ ٻين چيو ته ابڙان شهر ۾ ميمڻ برادري جي ٻن ڄڻن ذهيب ميمڻ، زاهد ميمڻ کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جن جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس احتجاج ڪندڙ نياڻين تي به لٺيون وسايون آهن، انصاف ڪيو وڃي.