خيرپور (رپورٽر) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ گابر شيخ جو رھواسي نوجوان برساتن دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارث سخت پريشان، ڳولا ۾ مدد جي اپيل. پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان فرمان علي پٽ غلام قاسم گوپانگ جي وارثن جو چوڻ آهي ته برساتن دوران اسان جو نوجوان گم ٿي ويو هو، سخت مشڪلات باوجود سندس ڳولا ڪندا رهياسين پر ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن سبب پريشان آهيون، حد جي پوليس کي پڻ نوجوان جي گمشدگي بابت اطلاع ڏنو آهي پر پوليس خاطر خواهه مدد نه ڪئي آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.