مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي يوسي چيئرمين ھٽڙي سيد ڪامل شاھ جو چالھيو به ٿي گذريو، قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا. رسم پڳ تقريب ڳوٺ ڪڪو منگواڻو م ٿي، سندس ننڍي ڀاءُ سيد سليم شاھ بخاري کي خانداني پڳ ٻڌرائي وئي.  پڳ جو پھريون ور انور علي شاهه ڏنو پوءِ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پڳ جا ور ڏنا، ان موقعي تي سليم شاھ جو چوڻ هو ته پڳ جي معيار تي پورو لھندس، ڀاءُ  ڪامل شاھ جا قاتل گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، آخر ۾ دعا کان پوءِ لنگر ورھايو ويو.