لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي جي رهواسي عورتن ٻارن سان گڏجي بااثر وڏيري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي غلام زهران ابڙو، منور خاتون، بابرا، سعيده خاتون ابڙو ۽ ٻين چيو ته ديھه طالباڻي ۾ اسان جي ٻه جريب زرعي زمين آهي، بااثر وڏيري امانت ابڙو زمين پٽ علي ڏنو ابڙو کان 15 لک روپين عيوض خريد ڪرڻ بعد ايگريمينٽ ڪري اسان کي 5 لک روپيا ادا ڪيا جنهن هن وقت تائين رهيل پئسا ناهن ڏنا، ويتر هن منهنجي پٽ علي ڏنو ابڙو کي پنهنجي بنگلي تي گهرائي بيگناهه رحمت پور پوليس هٿان گرفتار ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري رهيل رقم ڏياري وڃي، رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل وڏيري امانت علي ابڙو ٻڌايو ته 15 لک روپين عيوض پوڻا 2 جريب زرعي زمين ڪئي، جنهن جو کاتو علي ڏنو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ هٿياربندن سان گڏجي منهنجي گهر تي فائرنگ ڪئي، اطلاع تي پوليس پهچي علي ڏنو کي گرفتار ڪيو ۽ ٻيا هٿياربند فرار ٿي ويا.