باڊھه ( ن پ ا) باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شھرين تعلقا مومينٽ جي سڏ تي ٽائون هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو، ان موقعي تي عزيز بروهي، مور سنڌي، جلال ساريو ۽ ٻين چيو ته باڊھه واسي باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھن پر سندن مطالبي تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته باڊھه ڪاروباري ۽ تاريخي شھر هئڻ سان گڏ ٽن ضلعن دادو، قمبر شھداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو جي دنگ تي هئڻ سبب وڏي پسگردائي رکي ٿو، پر چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ جي ٽن وڏن وزيرن رڳو باڊھه واسين کي سکڻا دلاسا ڏنا آھن، هن وقت تائين باڊھه تعلقو ناهي ٿي سگهيو ، هنن مطالبو ڪيو ته باڊھه کي فوري طور تعلقي جو درجو ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو..