ممبئي (شوبز نيوز) پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪنگنا رناوت انسٽاگرام پوسٽ ڪندي لکيو ته سندس ڪيئي مسلمان دوست ورڪ لوڊ هئڻ سميت ٻين سببن جي ڪري ڪيئي دفعا ” ناجائز “ ڪم ڪندا آهن ۽ هو حلال بابت مذهبي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. هن دعويٰ ڪندي چيو ته سندس ڪيئي مسلمان دوست شراب واپرائڻ سان گڏوگڏ شادي کان اڳ جسماني لاڳاپا رکندا آهن، جڏهن ته هو پردو به ناهن ڪندا. هن دليل ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ جيڪڏهن اها موجود ناهي ته بي جي پي اڳواڻ نوپور ته ڇا سڀئي ڏوهاري بڻجي وينداسين.