ڪراچي (شوبز نيوز) مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيا ملڪ جي والده کي پنهنجي نياڻي عامر لياقت جي وفات کانپوءِ اميد آهي ته هاڻي هن جي پويان بچندڙ سموري جائيداد هن جي ڌيءُ جي آهي. دانيا ملڪ جي والده ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن جي نياڻي عامر لياقت پنهنجي زندگي ۾ اهو هر هر چئي چڪو آهي ته اهو پنهنجي ٻن گهر وارين ۽ ٻارن کي هنن جو حصو ڏئي چڪو آهي، هنن جو حق ادا ڪري چڪو آهي هن واضح چيو هو ته دانيا ملڪ منهنجي گهر واري آهي مان پنهنجي سموري جائيداد هاڻي هن کي ڏيندس. هن چيو ته عدالت ۾ جائيداد جي دعويٰ ناهي ڪئي رڳو نڪاح ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ان فيصلي اچڻ کان اڳ ئي عامر لياقت وفات ڪري ويو. منهنجي ڌيءُ دانيا عامر لياقت جي بيواهه آهي.