لاهور(شوبز نيوز) اداڪار فهد شيخ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ بعد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. اداڪارا انسٽاگرام اڪائونٽ تي وزيراعظم شهباز شريف لاءِ خاص اسٽور پوسٽ ڪئي ۽ سندس لاءِ پيغام جاري ڪيو. فهد شيخ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واري خبر شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ” ڇا اوهان ماڻهو واقعي سنجيدا آهيو؟ هن شهباز شريف کي مينشن ڪندي طنزيه انداز ۾ چيو ته ڪجهه رحم ڪريو، ساهه مفت آهي، ان تي به ڪو ٽيڪس لڳي وڃي ته مزو اچي وڃي.