لاهور (م ڊ) مُلڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،  ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرت جمشيد چيما سندس مڙس جمشيد چيما، مليڪا بخاري، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي، سينيٽر عبدالقادر ۽ ايم پي اي جاويد اختر پارٽي کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  پي ٽي آءِ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪُنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.. ڊاڪٽر حيدرعلي 2018ع جي چونڊن ۾ اين اي ٽو سوات ون تان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي ماڻي هئي. ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر جاويد انصاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد اختر چيو ته نوَ مئي وارن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان تي ڪو دٻاءُ ناهي، نوَ مئي جي واقعن سبب تمام گهڻي دل آزاري ٿي، پاڪ فوج اسان جو فخر آهي اسان ان سان گڏ بيٺا آهيون. هوڏانهن  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مليڪا بخاري پڻ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. کيس اڊيالا جيل  مان آزاد ڪيو ويو هو. آزاد ٿيندي ئي هن پريس ڪانفرنس ذريعي تحريڪ انصاف کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.  هن چيو ته 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي. پي ٽي آءِ جي سمورن عهدن تان استعيفا ڏيان ٿي. هن چيو ته آئون تحريڪ انصاف تان استعيفا ڏيان ٿي ۽ هن پارٽي سان لاتعلقي جو اظهار ڪيان ٿي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ڪير ڪير ملوث هو، جاچ ٿيندي ته خبرپئجي ويندي. ملوث ماڻهن کي انجام تي پهچائڻ گھرجي. پر ان ۾ قانوني گھرجون پوريون ڪيون وڃن ته جيئن ڪنهن سان نا انصافي نه ٿئي. هن چيو ته آئون هڪ وڪيل آهيان ۽ وڪيل طور ملڪ جي خدمت ڪنديس. هن چيو ته جيل ۾ مون کي سي ڪلاج جون سهولتون مليل هيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مون تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ ڪو دٻاءُ ناهي. ڪجهه ٿڪل آهيان ان ڪري توهان کي ائين لڳو هوندو. جيڪو اڊيالا جيل مان ٿي آيو آهي ان کي خبر هوندي ته اتي ڪيڏي گرمي هوندي آهي. هوڏانهن جمشيد چيما   چيو آهي ته عمران خان جيڪو بيانيو  ٺاهيو هو، 9 مئي واقعو ان جو نتيجو آهي. جناح هائوس تي حملي جو اڳ ڪو پلان نه هو، صرف احتجاج جورٿيل هو. 9 مئي جي واقعن جي ڪري پاڪستان جي دنيا ۾ بدنامي ٿي. واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. هنن چيو ته سينيئر قيادت جي بيانيي کي نه روڪيو، ان ۾ اسان جو به ڏوهه هو. 9 مئي وارن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اسين ٻئي پاڪستنا تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪريون ٿا. پي ٽي آءِ ئي نه پر سياست ئي ڇڏي رهيا آهيون.  مسرت چيما چيو ته ڪاش وس ۾ هجي ها ته 9 مئي وارو ڏينهن پنهنجي زندگي مان ڊاهي ڇڏيان ها.