اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي جي چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميڊيا ۾ ملٽري ڪورٽن جي حوالي سان غلط فهمي آهي، حڪومت آئيني ترميم ذريعي ڪي نيون ملٽري ڪورٽون قائم نه ڪري رهي آهي، اسان قانون ۾ ترميمون نه آڻي رهيا آهيون، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ پهريان ئي موجود آهن، جنهن قانون جي خلاف ورزي ٿي آهي ان ئي قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته  ذاتي حيثيت ۾ مان ڪنهن به جماعت تي پابندي جي مخالفت ڪيان ٿو پر ڪنهن به سياسي جماعت کي سوچڻو پوندو. جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت دهشتگرد تنظيم بڻجڻ چاهي ته ڇا ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جي اندر اها صلاحيت آهي ته اها سياسي جماعت بڻجي، بلاول چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس کي  هڪ منظم انداز ۾ پاڪستاني فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، ڪو به پاڪستاني اهڙو نه هوندو جيڪو ان جي مذمت نه ڪري، بلاول چيو ته جيستائين عمران خان جهڙي شخص جو ڪردار غير جمهوري هوندو ته ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٿيندي، 9 مئي کان پهريان پيپلزپارٽي ڳالهين جي سڀ کان وڏي حامي هئي، ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر عمران خان جي رويي جي ڪري خرابي ٿي، هاڻي اسان وٽ بحيثيت سياسي جماعت جي ڪو ئي آپشن نه آهي ته ڳالهه ٻولهه ڪريون، اسان جي ۽ پي ٽي آءِ جي وفدن چونڊن جي تاريخ تي ڳالهيون ڪري ڇڏيون هيون، عمران خان جي ڪري مذاڪرات ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي،  اسان پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ تي ڪابينا ۾ مخالفت ڪئي، هاڻي انهن سڀ ريڊ لائنز ڪراس ڪري ڇڏيون آهن اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.