اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سميت پي ٽي آءِ جي 600 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ايف آءِ اي مطابق 9 مئي جي وڳوڙن وارن واقعن ۾ ملوث هجڻ سبب عمران خان سميت 600 کان وڌيڪ اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ عهديدارن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ  لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا ايف آءِ اي جي پرونشنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ وڌا ويا آهن، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان سواءِ مراد سعيد، مليڪه بخاري، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر، ياسمين راشد ۽  ميان اسلم اقبال جا نالا به نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 3 ڏينهن ۾ ڪجهه عهديدارن پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش به ڪئي، پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ عهديدارن کي هوائي اڏن تي روڪيو ويو، انهن کي پرڏيهه سفر کان روڪڻ جي لاءِ نالا پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن موڪليا هئا.