اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز تي توشه خانه مان گهڙي وٺڻ جو الزام لڳائڻ تي وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي 17 مارچ تي طلب ڪيو آهي. ايف آءِ اي فواد چوڌري کي اسلام آباد جي رهواسي راجا محمد هارون جي شڪايت تي نوٽيس جاري ڪيو آهي. شهري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري مريم نواز تي توشه خانه مان گهڙي وٺڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي. فواد چوڌري 12 مارچ رات 9:42 تي چڙ ڏياريندڙ ۽ ڪوڙي ٽوئٽ ڪئي. ٽوئٽ سان پرائيويسي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ٽوئٽ ذريعي مريم نواز خلاف عوام کي اشتعال ڏياريو ويو. شهري چيو ته توشه خانه جو رڪارڊ جاري ٿي چڪو آهي ان ۾ مريم نواز طرفان گهڙي وٺڻ جو ڪوبه ذڪر ناهي. ڌمڪي جوڳي ۽ قانون جي ابتڙ ٽوئيٽ تي فواد چوڌري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان حوالي سان رد عمل ڏيندي فواد چوڌري ٽوئٽر تي ايف آءِ اي جو نوٽيس پوسٽ ڪيو ۽ چيو ته مريم نواز کي ٽوئٽر تي ڌمڪي جي ڪلاڪن اندر ايف آءِ اي منهنجي خلاف جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. فواد چوڌري چيو ته هن ملڪ ۾ شهرين جا حق مڪمل طور تي معطل ٿي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ جي اهڙن معاملن ۾ خاموشي تباهه ڪندڙ آهي. چيف جسٽس صاحب اهڙن معاملن تي خاموشي آئين کي معطل ڪرڻ جي منظوري هوندي. جنهن کان پوءِ فواد چوڌري مذڪوره ٽوئيٽ به ڊيليٽ ڪري ڇڏي.