اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته منهنجو سفر ن ليگ سان آهي سليمان شهباز سان نه آهي، يا ڪنهن شخص سان نه آهي، سليمان شهباز چاهي ته مون تي توشا خانا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏي. هن چيو ته مون به توشا خانا مان تحفا ورتا اهي وري ٻين کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيا هڪ به تحفو مون وٽ نه آهي. توشا خانا مان تحفو رقم ڏئي حاصل ڪرڻ بعد ملڪيت آهي ان کي وڪرو ڪرڻ يا وري ٻين کي تحفو ڏيڻ جو اختيار مالڪ جو آهي.