اسلام آباد(م ڊ) حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول معاهدي ۾ دير تي آمريڪا سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان جي سنجيده معاشي معاملن تي سمورن شعبن مان حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ذريعن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪي اختيارين سان آءِ ايم ايف معاهدي تي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هاڻ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به آمريڪي سفير سان معاهدي تي ڳالهائيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هلندڙ هفتي معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي، اڄ به آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف شرط مڃرائي ٻيهر اسٽاف ليول معاهدي ۾ بنا سبب دير ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان سنگين اهميت جوڳن معاشي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان کي مشڪل وقت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪو رستو ملي. ان ڪري پاڪستان جي سنجيده معاشي معاملن تي سمورن شعبن مان حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. آمريڪي سفير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام به ساڳئي معاملي جو حصو آهي. تازو ئي واشنگٽن ۾ اعليٰ سطحي واپار ۽ سرمائيڪاري بابت ڳالهيون ڪيون ويون. هلندڙ هفتي سينئر سطح جي توانائي، سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي ڳالهيون جنيوا ڳالهين جو فالو اپ آهن. ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جيان انساني حقن جي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان کي اهڙن الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو. آمريڪي سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان اڃا به ڀائيوار آهيون. سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين.