مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ ويجهو پنجاب پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڀُنگ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته ڳجهو اطلاع مليو ته انڍڙ گينگ جا 7 کان 8 هٿياربند هڪ نوجوان کي اغوا ڪري رهيا آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ انڍڙ گينگ سان تعلق رکندڙ 2 بدنام ڌاڙيل لالا عرف بابا دشتي ۽ ڀورو شر مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ سندن ساٿاري ڌاڙيل فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. پوليس جي دعويٰ موجب مارجي ويل ڏوهاري ماھي چوڪ واري علائقي ۾ 9 ڄڻن جي قتل، اغوا، پوليس تي فائرنگ، هيڊ ڪانسٽيبل ممتاز بالا جي قتل سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا. پوليس ترجمان موجب ته مارجي ويل ڏوهارين جو تعلق انڍڙ گينگ سان آهي، جن جا لاش سول اسپتال صادق آباد منتقل ڪيا ويا آهن.