ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي ۾ مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيو آهي. 8431 ڪلوميٽرن جي 780 روڊن، 180 پلين، 1642 ڪلورٽن ۽ 2125 ڪاز ويز کي نقصان رسيو آهي. هن چيو ته برساتن دوران 646 قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي،  8321 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن وقت  تائين 200317 ڍور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 1598090 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان 500249 گهر مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 1077210 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته برساتن دوران 10552903 آبادي متاثر ٿي آهي، جڏهن ته 6940907 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. متاثرن لاءِ ڪراچي ۾ 41، حيدرآباد ڊويزن ۾ 296، سکر ۾ 269، شهيد بينظير آباد ۾ 579، لاڙڪاڻي ۾481 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 48 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون  آهن. هن چيو ته متاثرن ۾ 494357 راشن بيگز، 222584 خيما، 1852298 مھارا( مڇردانيون ) ، 202825 ترپال، 10157  ڪچن سيٽ، 406436 لٽر منرل واٽر، 3500 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 1900 اسڪول ٽينٽس ورهايا آهن، ھن چيو ته نوشهري فيروز، خيرپور ۽ مٽياري جو پاڻي روهڙي ڪينال ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپنگ مشنري  انھن ضلعن ۾ پھچائي آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ  ۾ لاٿ سبب منڇر ڍنڍ جو پاڻي تيزي سان درياء ۾ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته متاثرن جي فوري طبي امداد لاءِ صحت کاتي ۾ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. متاثر ڪنهن به شهر، ڳوٺ مان فوري طبي امداد لاءِ فون نمبرز 02292040106 ۽ 0229240114 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.