قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد لڳ 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل برسات متاثر نينگر مبينا تشدد ڪري قتل، وونڻن جي فصل مان لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ آفتاب علي زرداري مان 2 ڏينهن اڳ برسات متاثر 14 سالن جو علي مردان  گاڏھي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن کي مبينا طور تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، نينگر جو 2 ڏينهن پراڻو لاش وونڻن جي  فصل مان ھٿ ڪيو ويو، اطلاع تي قاضي احمد پوليس واقعي واري ھنڌ  پھچي نينگر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نينگر جي چاچي منصور گاڏھي ٻڌايو ته برسات ۾ گهر ڪري پيا آهن، جنهن ڪري آمري روڊ تي ويٺل آھيون، هن ٻڌايو ته نينگر ٻه ڏينهن اڳ باءِ پاس اسٽاپ تان ڀاڄي وٺڻ لاءِ ويو ته واپس گھر نه موٽيو، ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود ڪٿي به  ڏس پتو نه پيو، هن علائقي واسين لاش وونڻن جي فصل ۾ ڏسي اطلاع  ڏنو، ھن ٻڌايو ته نينگر کي تشدد ڪري بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، پوليس جوچوڻ آھي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته نينگر جو موت ڪهڙي سبب ٿيو آھي، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،